وَٱلْعَصْرِ ﴿١﴾
پوياڙيءَ جو قسم آھي.
إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لَفِى خُسْرٍ ﴿٢﴾
ته بيشڪ ماڻھو گھاٽي ۾ آھي.
إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ ﴿٣﴾
سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ھڪ ٻئي کي سچ جي وصيّت ڪيائون، ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصّيت ڪيائون.